حڪيم ميان معين الدين کنياروي

حڪيم ميان معين الدين کنياروي

حڪيم ميان معين الدين کنياروي

حڪيم ميان معين الدين کنياروي: حڪيم معين الدين جو جنم کنيارين جي ڳوٺ تعلقي سڪرنڊ ۾ 1893ع ڌاري ٿيو. هيءُ کنيارن واري بزرگ ميان محمد ۽ ميان عبدالحق جو پوٽو هو. هي اصل ذات جو ڪيريو هو، پر سندس بزرگن جي نقشبندي سلسله طريقت هئڻ ڪري، هن وقت ميان صاحب سڏبا آهن. حڪيم معين الدين جو اصل نالو حزب الله هو، قرآن شريف جي تعليم پنهنجي والد وٽان ان بعد حافظ گلشير ۽ قاضي محمد صديق جهونجهاڻ وٽ پڙهيو ۽ عربيءَ جي تعليم هن مولوي احمد علي لاهوريءَ، حافظ محمد اڪرم هالائي ۽ مولوي محمد صديق راڻيپور واري وٽ ورتي، خلافت جي اوائلي دؤر ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ دهليءَ ويو ۽ اتي ’طبيه ڪاليج پٽيالا‘ ۾ داخل ٿي سند ورتائين. پاڻ طب جو ماهر هو. فڪري حوالي کان مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي عقيدتمندن مان هو. 1917ع کان وٺي دادو شهر ۾ وڃي ويٺو ۽ حڪمت شروع ڪيائين. سن جي ڳوٺ جا ميمڻ سندس درگاهه جا مريد آهن. دادوءَ کان ڳوٺ ويندي سن کان اچ وڃ جي سهولت هئڻ ڪري سن ۾ سندس گهڻو اچڻ ٿيندو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ دادو مان لڏي نوابشاهه ۾ وڃي طب جو ڪم شروع ڪيائين.
حڪيم محمد معين کنيارويءَ جا سائين جي. ايم. سيد سان ويجها تعلقات رهيا هئا. 1920ع ۾ لاڙڪاڻي خلافت ڪانفرنسن ۾ جي. ايم. سيد کي ميان صاحب وٺي ويو هو. پاڻ 1925ع ڌاري نوابشاهه ۾ هڪ عاليشان لائبرري تعمير ڪرايائين، جنهن ۾ هزارين ڪتاب ۽ قلمي نسخا رکيائين. جڏهن بنگلاديش تي فوجي چڙهائي ٿي هئي ته ڪن سڄڻن جي مشوري بعد جي. ايم. سيد سعودي عرب ۾ حڪيم معين الدين کنيارويءَ وٽ وڃي رهيو هو.
هن تيرنهن ذوالحج 1389هه مطابق 20 جنوري 1970ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو